خليفو نبي بخش لغاري

خليفو نبي بخش لغاري: شاهه، سچل ۽ ساميءَ کان پوءِ ڪلاسيڪي، عوامي شاعر خليفو نبي بخش ’قاسم‘ بلوچن جي لغاري قبيلي جي ’سيرڪاڻي‘ شاخ مان بلاچي پاڙي جو نامور فرد ٿي گذريو آهي. سيرڪاڻي لغاري ڪلهوڙن جي حڪومت جي آخري ۽ ٽالپرن جي اوائلي دؤر واري عرصي ۾ ديري غازي خان جي ’لغاري تمن‘ کان سنڌ ۾ آيا. خليفي صاحب جا وڏا اچي تعلقي بدين ۾ آباد ٿيا، جتي خليفي نبي بخش جو جنم ڳوٺ ’مٺيءَ‘ ۾ 1776ع ڌاري ٿيو. جڏهن ٽالپرن، ڪلهوڙن کان سنڌ فتح ڪئي، ته ان وقت سندس عمر ست سال هئي. هن جي پرورش اباڻي ڳوٺ مٺيءَ ۾ ٿي ۽ والد کيس فارسيءَ جي تعليم ڏياري. نصابي تعليم مختصر هئڻ جي باوجود فطري طور ڏاڍو ذهين هو. انهيءَ ڪري درسي تعليم کان پوءِ هن ذاتي طرح پنهنجي مطالعي کي وسيع ڪيو ۽ فارسيءَ زبان ۽ ادب مان ڪافي پرايائين. هن جي ذهانت ۽ حوصلي کي ڏسي مير ٺاري خان ٽالپر کيس پنهنجو خاص معتقد منتخب ڪيو. 1800ع ڌاري 25 سالن جي عمر ۾ مجازي عشق ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو مير ٺاري خان جي ڪچهريءَ ۽ سلام کي وساري ڇڏيائين. مير ٺاري خان کي شڪ ٿيو ته شايد هن سردار خود سري اختيار ڪئي آهي.
1802ع ڌاري مير ٺاري خان جو مير غلام علي خان ٽالپر سان ڪنهن مسئلي تي ٽڪراءُ ٿيو، جنهن جنگ جي صورت اختيار ڪري ورتي، جنهن ۾ مير ٺارو خان زخمي ٿي پيو. حيدرآباد جي ميرن طرفان لغاري به جنگ ۾ شريڪ هئا، جنهنڪري مير ٺاري خان ۽ لغارين جي وچ ۾ ويڇا وڌي ويا. نبي بخش خان، مير ٺاري خان جي حد جو سرڪردو لغاري سردار هو. هن جي آڏو هڪ طرف قبيلي جي عزت جو سوال هو ته ٻئي طرف مير ٺاري خان جي خدمت جو خيال هو. انهيءَ ڪري بهتر ايئن سمجهيائين ته بدگمانين جي ماحول کان نڪري ٻاهر ٿجي. مير باگي خان جڏهن محبت کي حڪومت تي ترجيح ڏني ۽ ملڪ جو حصو ڇڏي ’سنڌ راڻيءَ‘ سان شادي ڪئي هئي، ان کي نبي بخش خان لغاريءَ جي عشق ۽ محبت جو داستان معلوم هو ۽ ساڻس کيس همدردي هئي. سندس دعوت تي نبي بخش خان پنهنجي اباڻي ڳوٺ مٺيءَ مان لڏي اچي مير باگي خان جاگير ’بڊام‘ ۾ ترسيو. جنهن عورت جي عشق ۾ هن اميريءَ کي ترڪ ڪري کيس رفيق حيات بڻايو، ان جو نالو ’صابل‘ هو، جيڪا صورت توڙي سيرت ۾ بيمثال هئي. ان وقت سنڌ جي عالم ۽ قادري طريقي جي علمبردار پير محمد راشد ’روضي ڌڻيءَ‘ جي شهرت عام هئي ۽ هزارين ماڻهو سندس حلقي ۾ داخل ٿي رهيا هئا. ڪيترا خلافت جو خرقو ڍڪي صاحب فيض بڻجي چڪا هئا. 1815ع ڌاري نبي بخش جي عمر چاليهه سال هئي. ان عمر ۾ هو پنهنجي ماسات ’قاسم‘ سان گڏجي پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. محمد ’قاسم‘ خليفي صاحب جو رازدار دوست هو. ان ڪري شاعريءَ ۾ ’قاسم‘ تخلص ڪم آندو اٿس. جڏهن ٻيئي ڄڻا پير محمد راشد ’روضي ڌڻيءَ‘ وٽ پهتا ته نبي بخش لغاريءَ عرض ڪيو ته ”قبلا! آءٌ ڌڻيءَ جو نانءُ پڇڻ ۽ مريد ٿيڻ آيو آهيان.“
پير صاحب، نبي بخش کي پنهنجي ارادت جي حلقي ۾ داخل ڪندي کيس خليفو بنايو ۽ چيو ته: ”نبي بخش! تنهنجي رسائي اتي ٿيندي، جتي ٻيا اڃا نه پهتا آهن.“ ان بعد نبي بخش خان کي خلافت جي پڳ ٻڌائي، سندس حق ۾ دعا گهريائين. انهي قرب ۽ دعا خليفي نبي بخش کي گرويدو بڻائي ڇڏيو. مريديءَ ۽ خلافت جي فيض کان پوءِ ٽي سال رياضت جو سلسلو جاري رکيائين. پير حضرت صبغت الله شاهه اول جي تيرهن سالن واري دؤر (1233 کان 1246هه) ۾ خليفو رات ڏينهن سرگرم رهيو. سنڌ کان وٺي ڪاٺياواڙ ۽ گجرات طرف عابدن، صالحن ۽ عقيدتمندن جو هڪ وڏو گروهه پيدا ڪيائين ۽ حر تحريڪ کي منظم ڪيائين. سندس تبليغ ۽ تلقين جي شروعات سنڌ ۾ ٽنڊي باگي، بدين ۽ ڏيپلي تعلقن مان ٿي ۽ پنج ڇهه هزار ماڻهو خليفي جي صحبت ۾ پير پاڳاري جي جماعت ۽ دائري ۾ داخل ٿيا.
روايتن موجب خليفي نبي بخش وڏيءَ عمر ۾ وفات ڪئي ۽ وفات وقت سندس عمر نوي سال هئي. اندازي موجب خليفي صاحب 1863ع ڌاري وفات ڪئي. خليفي نبي بخش کي ٻه پٽ ٿيا. مراد علي ۽ احسان علي، جيڪي خليفي جي حياتيءَ ۾ فوت ٿيا.
خليفو نبي بخش وڏو عوامي شاعر هو. هو شاهه لطيف کان تمام گهڻو متاثر هو. راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو. پنهنجو رسالو سروار ترتيب ڏنائين. سنڌ ۾ راڳداريءَ جا مختلف اسڪول آهن، جن ۾ ’شاهه جو راڳ‘،
صادق فقير جو راڳ‘ ۽ ’خليفي صاحب جو راڳ‘ شمار ڪري سگهجن ٿا. صوفي صديق فقير سومري ’راڳنامو‘ ترتيب ڏنو هو. شاهه جو راڳ شام جو شروع ٿيندو آهي، جڏهن ته روايت آهي ته خليفي صاحب جو راڳ ۽ رسالو صبح جي راڳن سان شروع ٿئي ٿو، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، خليفي صاحب جي رسالي کي به شاهه لطيف جي سرن وار ترتيب ڏني آهي. پهريون نج سنڌي ڪردارن تي ’ڪيڏارو‘ خليفي نبي بخش لکيو، جيڪو کرڙيءَ جي جنگ بابت آهي، جيڪا شاه شجاع ۽ ميرن جي وچ ۾ لڳي هئي، جنهن ۾ غلام مرتضيٰ شاه، جهان خان مري ۽ ٻين سورهين وڏو ڪردار ادا ڪيو هو، انهن جي بهادريءَ کي خليفي نبي بخش ڪيڏاري جي بيتن ۾ بيان ڪري امر ڪري ڇڏيو آهي.
خليفي صاحب وٽ جمالياتي رنگ ڪمال جو هو. هن ڍاٽڪي دوها ۽ هندي شاعري به ڪئي. سندس رسالو ڊاڪٽر نبي بخش ترتيب ڏئي سنڌي ادبي بورڊ پاران پهرين ڀيرو سال 1966ع ۾ شايع ڪيو، جنهن جا ٻه ڇاپا شايع ٿي چڪا آهن.


لفظ خليفو نبي بخش لغاريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو